اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مالي سال پيٽروليم شين جي اگهن ۾ واڌ جا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.
عالمي مالياتي اداري (آءِ ايم ايف) جي شرطن سبب تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽرول ۽ ڊيزل تي 60 رپيا ليوي عائد ڪئي وئي، پيٽرول ۽ ڊيزل جا اگهه ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويا.
مجموعي طور تي گهٽتائي ۽ واڌ بعد پيٽرول 6 رپيا 36 پئسا ۽ ڊيزل 9 رپيا 72 پئسا في ليٽر مهانگو ٿيو، هلندڙ مالي سال دوران بجلي ٽيرف ۽ ايڊجسٽمينٽ چارجز ذريعي بجلي واهپيدارن تي هڪ هزار 700 ارب رپين کان وڌيڪ ٻوجهه پيو.
هلندڙ مالي سال جي شروعات تي في ليٽر پيٽرول جي قيمت 262 رپيا ۽ ڊيزل جي قيمت 260 رپيا 50 پئسا هئي، هاڻي مالي سال جي آخر ۾پيٽرول جي قيمت في ليٽر 268 رپيا 36 پئسا ۽ ڊيزل جي 270 رپيا 22 پئسا آهي.
هلندڙ مالي سال 16 سيپٽمبر 2023ع نگران دور ۾ پيٽرول ملڪي تاريخ جي بلند ترين سطح 331 رپيا 38 پئسا ۽ ڊيزل 329 رپيا 18 پئسا في ليٽر تي پهتو هو.
Govt Federal Budget2024