وهاب جو بچڻ مشڪل، بابر جي ڪپتاني خطري ۾، ٽيم ۾ ڌڙابندي جو انڪشاف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ کانپوءِ قومي ٽيم ۾ وڏي پئماني تي تبديلين جون تياريون ڪري ڇڏيون.
آپريشن ڪلين اَپ ۾ ڪجهه رانديگرن، قومي سليڪشن ڪميٽي جي ميمبرن کي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۽ ان کان اڳ ٿيل سيريز جي ڪارڪردگي جي بنياد تي گهر ڀيڙو ڪيو ويندو.
اڳوڻي فاسٽ بالر وهاب رياض لاءِ به پنهنجي جاءِ برقرار رکڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، جڏهن ته قومي سليڪشن ڪميٽي کي تبديل ڪرڻ جي تجويز آهي.
ڀارت هٿان شڪست کانپوءِ پي سي بي چيئرمين محسن نقوي نيويارڪ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي امڪاني تبديلين جي حوالي سان چيو ته قومي ٽيم کي ننڍي نه وڏي سرجري جي ضرورت آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪپتان بابراعظم، هيڊ ڪوچ گيري ڪرسٽن، سينيئر مئنيجر وهاب رياض ۽ اسسٽنٽ ڪوچ اظهر محمود جي رپورٽس جي بنياد تي ٽيم ۾ تبديليون ڪيون وينديون ۽ اڳوڻي ڊائريڪٽر محمد حفيظ جي رپورٽ جو به جائزو ورتو ويندو.
واضح رهي ته محمد حفيظ پنهنجي رپورٽ ۾ رانديگرن ۾ ڌڙابندي ۽ ڪارڪردگي بدران پئسن کي اهميت ڏيڻ جهڙا الزام لڳايا هئا.
آسٽريليا ۽ نيوزيلينڊ جي دورن کانپوءِ سندس رپورٽ اهيمت رکندڙ هئي، ورلڊ ڪپ کانپوءِ اعظم خان، افتخار احمد، عثمان خان، محمد عامر ۽ عماد وسيم لاءِ ٽيم ۾ جاءِ برقرار رکڻ مشڪل نظر اچي رهيو آهي.
ذريعن موجب، پاڪستان ٽيم ۾ ٽن سينيئر رانديگرن جو گروپ ايجنٽ جي چوڻ تي پي سي بي اختيارين کي بليڪ ميل ڪندو رهيو، ڪجهه مهينا اڳ سينٽرل ڪانٽريڪٽ لاءِ پي سي بي تي دٻاءُ وجهي معاوضن ۾ حد کان وڌيڪ واڌ ڪرائي وئي.
اِهو گروپ گذريل سال چيئرمين، چيف آپريٽنگ آفيسر ۽ پي سي بي اختيارين کي ميٽنگ ۾ بليڪ ميل ڪندو رهيو ۽ معاوضن ۾ واڌ ڪئي وئي، حيرت جوڳي ڳالهه اِها آهي ته ٽنهي رانديگرن جو مئنيجر هڪ ئي آهي.
ذريعن موجب، شاداب خان انهن ٽنهي رانديگرن جي تمام ويجهو آهي امڪاني طور تي شاداب خان کي به فارغ ڪري سگهجي ٿو، پر جيڪڏهن هن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري تي آل رائونڊر بچي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.