اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) شوگر ايڊوائزري بورڊ شوگر ملز مالڪن جي درخواست تي کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
ذريعن موجب، وقافي سرڪار واڌو کنڊ برآمد جي اجازت ڏيڻ جي تياري ڪري ورتي آهي ۽ پهرئين مرحلي ۾ ڏيڍ لک ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته کنڊ جي برآمد لاءِ سمري جلد اي سي سي ۾ پيش ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، وڌيڪ چيني جي برآمد جو فيصلو مارڪيٽ ۾ کنڊ جي قيمت کي نظر ۾ رکي ڪيو ويندو.
ذريعن جو اِهو به چوڻ آهي ته کنڊ جي ايڪس مل جي في ڪلو قيمت 140 رپيا مٿي وڃڻ نه ڏبي، حڪومت ۽ شوگر ملز ايسوسيئيشن وچ ۾ معاهدو ٿيندو ۽ مارڪيٽ ۾ کنڊ جا اگهه وڌڻ نه ڏنا ويندا.
ذريعن موجب، شوگر ملز مالڪن 15ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد جو مطالبو ڪيو هو ۽ پهرئين مرحلي ۾ پنج لک ٽن کنڊ جي برآمد لاءِ اجازت گهري وئي هئي.
ذريعن موجب، وزيراعظم طرفان ويجهڙائي ۾ کنڊ جي برآمد جو جائزو وٺڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون هيون.
Govt sugar pakgovt