ڪراچي(رپورٽر) ڪشمور ڪنڌڪوٽ امن بحالي تحريڪ پاران غلام مصطفى ميراڻي، ظريت ساگر بجاراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪراچي پريس ڪلب سامهون زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، سوين مظاهرين، سياسي، سماجي،قوم پرست مذهبي اڳواڻ توڙي اقليت وڪيل سول سوسائٽي سان تعلق رکندڙ ماڻهو شريڪ هئا. مظاهرين جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ، اڇا جهنڊا ۽ بينر هئا جن تي“ کپي کپي امن کپي، قبائلي دهشت گردي نامنظور، اغوا انڊسٽري نامنظور، قتل، ڀُنگ لاءِ اغوا نامنظور جا نعرا لکيل هئا، احتجاجي ريلي پريس ڪلب پهتي ته جذباتي منظر ڏسڻ ۾آيا جتي اغوا ٿيل ماڻهن جي وارثن جي اکين ۾ لُڙڪ هئا. ان موقعي تي مختلف سياسي، مذهبي ۽ قومپرست جماعتن جي اڳواڻن، جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر معراج الهدى صديقي، ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جڳديش آهوجا، سنڌ بار ڪونسل جي عبدالغني بجاراڻي، وڪيل اڳواڻ ميردائود خان جکراڻي،مجاهد چنا، محمد خان ملڪ، فقير زمان دايو، غلام رسول ملڪ، اشوڪ ڪمار، ڊاڪٽر سريش تلريجا، مُکي اندر لال،گهنشام،امداد کوسو۽ ٻين خطاب ڪيو. جماعت اسلامي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر معراج الهندي صديقي چيو ته اڳي ڪا حڪومت ناڪام ٿيندي ھئي ته اتي گورنر راڄ لڳندو ھو پر سنڌ ۾ حڪومتي ناڪامي تي ڌاڙيل راڄ لڳي ويو آھي، مراد علي شاهه حڪومت سنڌ جي عوام کي امن ڏيڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آھي. سراج الحق جي قيادت ۾ جماعت اسلامي ڪشمور ڪنڌ ڪوٽ ڌرڻا لڳايا. حڪومت امن قائم نه ڪيو ته وزير اعليٰ ھائوس جو گهيراءُ ڪنداسين،ايس يو پي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري جڳديش آھوجا چيو ته ھي گونگا ٻوڙا حڪمران آھن،قومي ميڊيا به سنڌ تي ٿيندڙ ھن ظلم تي ڌيان نٿي ڏي.شاعر احمد فراز لاءِ ته سڄي ميڊيا گونجي ٿي پر نصرالله گڏاڻي کان وٺي ڌاڙيل راڄ تائين اھي سڀ خاموش آهن.ھندو برادري ملڪ ڇڏي وڃڻ جون ڳالهيون ڇڏن ھمت ڪن ھي ڌرتي اسان جي اسان ڇو وڃون. ھن گھر ڪئي ته حڪمران امن ڏين يا استعفي ڏئي گھر ھليا وڃن. سنڌ بار ڪونسل جي ميمبر وڪيل عبدالغني بجاراڻي چيو ته چئن سالن کا ضلعي ۾ جنگ مسلط ڪئي وئي اھي جن کي وڏيرن جي سرپرستي حاصل آھي.اسان جو صرف هڪ مطالبو امن آهي،وڪيل اڳواڻن اعلان ڪيو ته ان سلسلي ۾جلد هاءِڪورٽ جو دروازوکڙڪائينداسين.جڏهن ته ٻين اڳواڻن چيو ته سڄي سنڌ بدامني جي باهه ۾ سڙي رهي آهي، پر حڪمران خاموش تماشائي بڻيل آهن، لاشن ۽ جسمن مان وهندڙ رت ڏسي به سندن ڪن تي جونءُ به نٿي سُري، ڪشمور، گهوٽڪي، جيڪب آباد ۽ شڪارپور مان هن وقت به 200 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ٿيل آهن جن جو ڪروڙين رپيا ڀُنگ طلب ڪيو پيو وڃي. بي امني سبب شهر ويران، ڪاروبار ٺُپ ۽ ماڻهو لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا آهن، ائين ٿو لڳي ڄڻ اسان فاٽا جي علائقي ۾ رهون پيا. اڳواڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪمزور ۽ حق سچ لکندڙ صحافين کي چونڊي چونڊي ماريو پيو وڃي جنهن جو مثال شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي، جان محمد مهر، اجي لالواڻي ۽ عزيز ميمڻ آهن جن کي سچ ڳالهائڻ جي ڏوهه ۾ شهيد ڪيو ويو. شهيدن جي خون ۾ ملوث اصل ڪردارن کي ظاهر ڪري گرفتار ۽ عبرت ناڪ سزائون ڏنيون وڃن. آخر ۾ قرارداد پاس ڪئي وئي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان بي امني، قبيلائي جهيڙا، ڀُنگ لاءِ اغوا، ڌاڙيل راڄ جو خاتمو ڪيو وڃي ته جيئن اُتان جا ماڻهو سُک جو ساهه کڻي سگهن. ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن، سندن سهولتڪار ڀوتارن کي گرفتار ڪري هٿرادو بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جو خاتمو آندو وڃي، شھري اتحاد ڪشمور جي چيئرمين فقير محمد زمان دايي چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ بدامني ايتري قدر وڌي وئي آھي جو ڌاڙيل ڏينھن ڏٺي جو شھرين کان ڦرلٽ ڪرڻ سان گڏ کين اغوا پڻ ڪري وڃن ٿا، پر قانون لاڳو ڪندڙ ادارا شھرين کي تحفظ فراھم ۾ سنجيده ناھن، سنڌ ورڪز پارٽي جي اڳواڻ امداد کوسي چيو ته ڪشمور شڪارپور گھوٽڪي سکر ۽ جيڪب آباد مان ٻه سئو کان وڌيڪ اغوا ڪيل ماڻھو ڌاڙيلن وٽ يرغمال آھن، پي ٽي آءِ ڪشمور ضلعي جي اڳواڻ مير منظور احمد کوسي چيو ته ھڪ سازش تحت ڪشمور ضلعي ۾ بدامني جي باھه ڀڙڪائي وئي آھي، جنھن سان ھتان جو ڪاروبار، تعليم ۽ امن مڪمل طور تي تباھه ٿي ويو آھي. مظاھري ۾ شھيد استاد الله رکئي نندواڻي جو معصوم پٽ پڻ پنھنجي والد جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ بينر کڻي پنھنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو، مظاھري کي غلام مصطفي ميراڻي، ظريت بجاراڻي، مکي اندر ڪمار، مکي ڊاڪٽر تلريجا، غلام رسول ملڪ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، مظاھرين پاران کنيل بينرن تي امن موٽائي ڏيو ۽ پريا ڪماري کي بازياب ڪرايو وارا نعرا پڻ درج ٿيل ھئا.
Protest feudalism Karachi