نيويارڪ( ويب ڊيسڪ) پاڪستان پنهنجي ٻين مئچ به هارائي ويو. روايتي مخالف ڀارت کيس 6 رنسن سان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. پاڪستان ننڍو هدف ماڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. 113 رنسن تي ڍير ٿي ويو.
ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان جي پوري ڀارتي ٽيم 19 اوورن ۾ 119 رنسن تي ڍير ٿي وئي. نيويارڪ ۾ کيڏيل ميچ ۾ قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي ڀارتي ڪپتان روهت شرما کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني. ويرات ڪوهلي 4 رنسون ٺاهي نسيم شاهه جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو.
ڪپتان روهت شرما شاهين آفريدي جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو . اڪسر پٽيل 20 رنسون ٺاهي نسيم شاهه جي هٿان ڪلين بولڊ ٿي ويو.
سوريا ڪمار ياديو 7 رنسون ٺاهي حارث رئوف جي هٿان ڪيچ آئوٽ ٿيو. ڀارت طرفان آئوٽ ٿيڻ وارو آخري رانديگر ارسديپ سنگهه هو جيڪو 9 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿيو. پاڪستان طرفان نسيم شاهه 4 اوورن ۾ 21 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون.
شاهين آفريدي 4 اوورن ۾ 29 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي. حارث رئوف 3 اوورن ۾ 21 رنسون ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون. محمد عامر 4 اوورن ۾ 23 رنسون ڏئي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. عماد وسيم 3 اوورن ۾ بغير ڪنهن وڪيٽ جي 17 رنسون ڏئي آئوٽ ٿي ويو.
افتخار احمد هڪ اوور کيڏي ۽ 7 رنسون ڏنيون. پاڪستان سٺي شروعات باوجود اسڪور تي پهچڻ ۾ ناڪام ٿي ويو. پاڪستان جي پهرين وڪيٽ 26 رنسن تي ڪري پئي جڏهن ڪپتان بابر اعظم 13 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان جي ٻي وڪيٽ 57 رنسن تي ڪري پئي، عثمان خان 13 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
پاڪستان جي ٽئين وڪيٽ 73 رنسن تي ڪري پئي، فخر زمان 13 رنسون ٺاهي ڪيچ آئوٽ ٿي ويو. پاڪستان جي چوٿين وڪيٽ 80 رنسن تي ڪري پئي جڏهن مقرر بيٽسمين محمد رضوان 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.
پاڪستان طرفان آئوٽ ٿيڻ وارو پنجون رانديگر شاداب خان هو جيڪو 88 جي مجموعي اسڪور تي 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
T20WorldCup2024 IndvsPak BabarAzam ViratKohli Rohit Sharma