نصرالله گڏاڻي جو ناحق خون:گهوٽڪي ۾ سردارن جا بينر ڦاڙيا ويا

گهوٽڪي(رپورٽ:آزاد مھر)شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدارن برڪت لنڊ ۽ سھولتڪار  عبدالله لنڊ جي گرفتاري لاءِ پوليس جا ڇاپا، ميرپورماٿيلو سميت مختلف علائقن مان ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا بئنر ۽ پينافليڪس ڦاڙيا ويا، سوشل ميڊيا تي لنڊ سردارن خلاف باھ ٻريل، نصرالله گڏاڻي کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج هٿ.خبر موجب روزاني عوامي آواز ميرپورماٿيلو جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي جي قتل ۾ پوليس پاران جوابدار اصغر لنڊ کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ برڪت لنڊ ۽ عبدالله لنڊ جي گرفتاري لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڇاپا هڻي رهي آهي ٻئي طرف نامعلوم ماڻهن ميرپورماٿيلو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن شهباز لنڊ، نور محمد ۽ سردار لنڊ جا پوسٽر بئنر ۽ پئنا فليڪس لاهي ڦاڙي ڇڏيا جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پڻ لنڊ سردار ۽ سندس پٽن خلاف باھ ٻريل آهي ٻئي طرف ذريعن موجب ايم اين اي خالد لنڊ پٽن سميت ٻاهرين ملڪ وڃڻ جي ڪوششن ۾ رڌل آهي هوڏانهن پوليس صحافي نصرالله گڏاڻي کي زخمي ڪرڻ واري واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ هٿ ڪري ورتا آهن واضح رهي ته گذريل ڏينهن ايس ايس پي گهوٽڪي سمير نور چنه پريس ڪانفرنس ڪندي صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس ۾ هڪ جوابدار اصغر لنڊ کي گرفتار ڪرڻ جي دعوي ڪئي هئي ۽ قتل ۾ مبينا طور ٻئي جوابدار برڪت ۽ سھولتڪار عبدالله لنڊ جي پڻ نشاندهي ڪندي چيو ته ٻنهي جوابدارن کي پڻ جلد گرفتار ڪيو ويندو،جڏهن ته شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي جاچ پڻ هلندڙ آهي پوليس ڪيس جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهي آهي سوشل ميڊيا تي شهيد نصرالله گڏاڻي جي ڪيس ۾ عوام پاران  ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس پٽن کي جوابدار طور نامزد ۽ سندن گرفتاري جو پڻ مطالبو ڪيو پيو وڃي.

Nasrullahgadani Justicefornasrullahgadani AwamiAwaz Protest

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.