پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال شروع

لاهور (معظم فخر+مزمل سهروردي) سوشل ميڊيا تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ فائر وال کي انسٽال ڪري تجرباتي مهم شروع ڪئي وئي آهي، 24 ڪلاڪن ۾ فائروال ڪم شروع ڪري ڇڏيندي، اها پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا ۽ ففٿ وار جنگجوئن لاءِ تمام خراب خبر آهي، جنرل آصف غفور،جنرل عاصم باجوا ۽ آءِ ايس پي آر جا ڀرتي ڪيل يوٽيوبر رياست جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويا،فوج پاران سڪسٿ جنريشن وار فيئر شروع ٿيڻ واري آهي، اطلاع آهن ته ٽوئيٽ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي سزا سئو سيڪڙو يقيني آهي،ان سزا کي يقيني بڻائڻ لاءِ قانوني گهرجون مڪمل ڪيون پيون وڃن،قانون واري وزارت اهم ترين هدايتون ملڻ کانپوءِ قانون ۾ جهول ختم ڪرڻ لاءِ قانون سازي جي عمل جي شروعات ڪري ڇڏي آهي،عمران خان ايف آءِ اي کي جاچ آڏو تسليم ڪيو آهي ته شيخ مجيب بابت وائرل وڊيو هن جي ٽوئيٽر اڪائونٽ تان جاري ڪئي وئي،پي ٽي آءِ جو گهيرو ٻيهر تنگ ٿي ويو آهي، ڇاپن ۽ گرفتارين جو سلسلو به شروع ٿي ويو آهي،ڪجهه اهم اڳواڻن خلاف بغاوت جو ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي، پي ٽي آءِ جي گرفتار اڳواڻ صنم جاويد،عاليه حمزا ۽ ٻين جي گهرن تي پوليس چڙهايون ڪيون آهن جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سوشل ميڊيا جنگجوئن لاءِ ٽريس اينڊ سرچ آپريشن شروع ڪيو ويو آهي ۽ ڪجهه نوجوانن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، تازو وزيراعظم ۽ آرمي چيف جي چين جي دوري کانپوءِ  رياست فيصلو ڪري ورتو آهي ته ملڪ ۾ امن هر صورت ۾ قائم رکڻو آهي، سياسي بي يقيني جو خاتمو آندو ويندو ۽ معيشت جي بهتري لاءِ کڄندڙ قدمن جو تسلسل برقرار رکيو ويندو،ٻڌايو پيو وڃي ته چار ارب رپين جي لاڳت سان فائر وال جي ٽيڪنالاجي ٻاهرين ملڪ مان حاصل ڪئي وئي آهي،موبائل ڪمپنين ۾ ان فائر وال کي انسٽال ڪيو ويو آهي، تازو آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ پي ٽي آءِ پاران وڏي  پئماني تي مظاهرا ڪيا ويا ۽ انهن جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي به وائرل ڪيون ويون،جنهن ۾ پاڪ فوج ۽ آرمي چيف خلاف اڻوڻندڙ نعرا هنيا ويا، اهو به نعرو هنيو ويو ته ”يه جو دهشت گردي هي،اس ڪي پيڇي وردي هي“ ذريعن موجب نيويارڪ ۾ پاڪ انڊيا ميچ ۾ به پي ٽي آءِ جي جوڌن اڻ وڻندڙ نعرا هڻي رياست کي چئلينج ڪيو آهي ڪوئيٽا جي هڪ ٿاڻي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهريار آفريدي، عورت اڳواڻ شاندانه گلزار ۽ حليم عادل شيخ خلاف بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ چيو ويو ته پي ٽي آءِ بوستان ۾ بغير اجازت جلسو ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪايو.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 10 جون 2024ع تي شايع ٿيو

ImranKhan Pakistan PTI Socialmedia

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.