سنڌ حڪومت پاران واڌو ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف مهم جو اعلان

ڪراچي ( رپورٽر) عيد جي موقعي تي مسافرن کان واڌو ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، عيدالاضحيٰجي موقعي تي پنهنجي ماڳن ڏانهن ويندڙ مسافرن کان واڌو ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرز خلاف اڄ کان مهم شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي هدايت تي ٽرانسپورٽ کاتي سڀني ڪمشنرز، ڊي آءِ جيز ۽ ڊي سيز کي ليٽر لکي ڇڏيو،  شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مسافرن کي پريشان ڪندڙ ٽرانسپورٽرز کي معاف نه ڪيو ويندو، طئي ٿيل کان وڌيڪ ۽ من پسند ڀاڙا وٺندڙ ٽرانسپورٽرز ۽ آپريٽرز خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي، صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ  هو ته مهم جو مقصد عوام کي رليف ڏيڻ ۽ مسافرن تي ڪنهن به غير ضروري دٻاءُ کي روڪڻ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.