وزيراعظم 3 مهينن ۾ قومي اسيمبلي ٽوڙي سگهي ٿو: منظور وساڻ

ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي سينئر نائب صدر منظور وساڻ اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو ته شهباز شريف 3 مهينن ۾ قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي.ملڪي سياست ۽ حڪومت بابت اڳڪٿي ڪندي منظور وساڻ چيو ته ملڪي سياست جي لاءِ 3 مهينا وڏا اهم آهن ۽ موجوده سيٽ اپ ۾ نوازشريف وزيراعظم نٿو بڻجي سگهي.هن چيو ته قومي اسيمبلي ٽوڙڻ کان پوءِ جيڪو به سيٽ اپ ايندو ڏٺو ويندو. البته  صوبائي اسيمبليون وجود ۾ رهنديون. منظور وساڻ چيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ ٻين سياستدانن جي لاءِ سٺيون حالتون نه پيو ڏسان. ريليف ملن ته ٿا پر وري واپس ٿي ويندا آهن. پي ٽي آءِ باني خوش فهمي ۾ نه رهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.