نواز شريف ڳالهين ۾ عمران کي رنڊڪ قرار ڏئي ڇڏيو

مري(م ڊ) مسلم ليگ ن جي صدر نواز شريف تحريڪ انصاف جي باني کي ڳالهين ۾ وڏي رنڊڪ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب  مسلم ليگ ن جي صدر ميان نواز شريف سان سينيٽ ميمبرن جي ملاقات جا تفصيل سامهون اچي ويا. ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي صدر ۽ ن ليگ جي سينيٽ ميمبرن وچ ۾ ملاقات ۾ ڳالهين جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، جنهن تي نواز شريف پي ٽي آءِ جي باني کي ڳالهين ۾ وڏي رنڊڪ قرار ڏنو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ جي سينيٽرن پارٽي صدر کان پي ٽي آءِ سان ڳالهين بابت پارٽي جي پاليسي بابت سوال ڪيو، جنهن تي هن چيو ته پي ٽي آءِ جو باني پاڻ ڳالهين لاءِ سنجيده ناهي، جڏهن هو سنجيده ناهي ته ڳالهيون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون؟ ملاقات ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ باني ماضي ۾ دوستي جي آڇ رد ڪئي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.