قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ورلڊ جي ٽيم بابت اندروني ڪهاڻي سامهون آڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.
مقامي ٽي وي چينل سان ڳالهائڻ دوران ميزبان ٽيم جي اتحاد نه ٿيڻ جو سبب بابت سوال ڪيو.
جنهن تي اڳوڻي ڪپتان ۽ چيف سليڪٽر شاهد آفريدي جواب ڏنو ته پينل ۾ محمد وسيم ويٺل آهي، جنهن بهترين انداز ۾ ڪم ڪيو آهي جيڪو گهڻو ڪجهه ڄاڻي ٿو، مونکي به گهڻي خبر آهي پر کلي ڪري نٿو ڳالهايان.
هن چيو ته سڀني شين جي ذميواري ڪپتان تي هوندي آهي، ڇو ته هو سڀني کي کڻي هلندو آهي، يا ته ڪپتان ٽيم جو ماحول خراب ڪري ڇڏيندو آهي يا وري ٽيم کي ٺاهي ڇڏيندو آهي.
سندس چوڻ هو ته گذريل ڪيتري ئي عرصي کان اسان جي سليڪشن ڪميٽي ۽ بورڊ ۾ وڏيون غلطيون ڪيون ويون، ورلڊ ڪپ کان بعد کلي ڪري ڳالهائيندس، اسانجي ماڻهن پاڻ انهي ايونٽ کي خراب ڪيو آهي.
Pakistan ShahidAfridi WorldCup2024