آمريڪا خلاف شڪست: علي ظفر بابر اعظم کي عمران خان جي مثال ڏئي ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) مشهور ترين پاڪستاني فنڪار ۽ اداڪار علي ظفر آمريڪا ۾ جاري ٽي ٽوئنٽي ورلڊڪپ ۾ ڀارت خلاف مقابلي ۾ قومي ٽيم لاءِ پيغام جاري ڪري ڇڏيو آهي.
علي ظفر ايڪس تي پاڪ ڀارت ٽاڪري کان اڳ خاص طور تي ڪپتان بابر اعظم لاءِ هڪ وڊيو پيغام شيئر ڪيو.
هن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته جڏهن ته پاڪ ڀارت مئچ ٿيندو آهي ته ٻنهي ملڪن جي ماڻهن ۾ هڪ خاص قسم جي جوش ۽ جذبو هوندو آهي ۽ ٿوري پريشاني به هوندي آهي ان لاءِ مون سوچيو ته پنهنجي ٽيم ۽ بابر اعظم کي هڪ مفيد مشورو ڏيان ته شايد ان جو ڪجهه هاڪاري اثر ٿئي.
فنڪار چيو ته راند ۾ هار کٽ پنهنجي جاءِ تي آهي، آمريڪا خلاف مئچ ۾ اسان ڏٺو ته سپر اوور ۾ بابر اعظم پاڻ بيٽنگ لاءِ نه آيو پر ٻين کي موڪلي ڇڏيو اها ڳالهه سمجهه نه آئي.
هن جو چوڻ هو ته ليڊر ۾ اها خاصيت هوندي آهي ته هو بي خوف ۽ پاڻ تي اعتماد ڪرڻ وارو هوندو آهي.
علي ظفر بابر اعظم کي اڳوڻي ڪپتان عمران خان جي مثال ڏيندي چيو ته ماضيءَ ۾ آسٽريليا خلاف هڪ مئچ کٽڻ لاءِ چار رنسون گهربل هيون، آسٽريليا ٽيم اها مئچ آساني سان کٽي سگهي پئي، پر ان مشڪل وقت ۾ عمران خان پاڻ بالنگ ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿو.
سندس چوڻ هو ته عمران خان جي ان اوور کي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته واضح نظر ايندو ته اڳوڻي ڪپتان هڪ هڪ بال کي وڏي سمجهداري سان ڪرايو ۽ پاڪستان لاءِ اهو مئچ کٽي ڏيکاريو.
AliaZafar Pakistan T20Worldcup2024

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.