اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي خلائي تحقيقي اداري سپارڪو جي ترقياتي بجيٽ ۾ 850 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ تجويز ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب ايندڙ مالي سال سپارڪو لاءِ 65 ارب 61 ڪروڙ 70 لک رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال سپارڪو جي ترقياتي بجيٽ لاءِ 6 ارب 90 ڪروڙ رپيا مختص هئا.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ملٽي مشن ڪميونيڪشن سيٽلائيٽ سسٽم پاڪ سيٽ ون لاءِ 59 ارب 18 ڪروڙ 37 لک رپيا تجويز ڪيا ويا آهن، پاڪستان اسپيس سينٽر جي قيام لاءِ چار ارب 17 ڪروڙ 53 لک رپيا مقرص ڪرڻ جي تجويز آهي.
پاڪستان آپٽيڪل ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ لاءِ هڪ ارب 35 ڪروڙ رپين جي بجيٽ تجويز ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب پاڪ سيٽ 2 جي فيزيبلٽي اينڊ سسٽم ڊيفينيشن اسٽڊي لاءِ 24 ڪروڙ 80 لک رپيا رکڻ جي تجويز آهي، جڏهن ته ڊيپ اسپيس اسٽرونوميڪل آبزرويٽريز لاءِ 65 ڪروڙ رپيا رکڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
نئين بجيٽ ۾ سپارڪو لاءِ هڪ نئون منصوبو شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.
sparco budget2024 pmln