دادو پوليس جي ڪارروائي، منشيات فروش گروهه گرفتار

دادو (رپورٽ: غوث جهتيال) دادو پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري منشيات جو ڪاروبار ڪندڙ ٽولي کي سڳ سوڌو گرفتار ڪري ورتو.
دادو پوليس هٿان گرفتار ٿيلن ۾ هڪ عورت به شامل آهي، پوليس ذريعن موجب گرفتار عورت زرينا ملاح سندس ساٿين آصف ملاح، رحيم بخش عرف ٻڍو ملاح کي اي سيڪشن ٿاڻي تي لاڪ اپ ڪري انهن جو ڏوهاري رڪارڊ معلوم ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ آهي ته زرينا ملاح تي 6 مختلف ڪيس داخل آهن، جڏهن ته رحيم بخش عرف ٻڍو ملاح تي پڻ 6 ڪيس پوليس پاران رڪارڊ ۾ ظاهر ڪيا ويا آهن.

dadu sindh pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.