عامر خان بعد سندس پٽ جي فلم به هندو انتهاپسندن جي نشاني تي اچي وئي

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي فلم ”لال سنگهه چڍا“ بعد سندس پٽ جنيد جي ڊيبيو فلم ”مهاراج“ به هندو انتهاپسندن جي نشاني تي اچي وئي.
ڀارتي ميڊيا موجب وشوا هندو پريشيد جي يوٿ ونگ بجرنگ دل يش راج فلمز ۽ نيٽ فلڪس آفيشلز کي فلم جي رليز خلاف خط لکي ڇڏيا آهن.
هندو انتها پسند تنظيم طرفان لکيل خط ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته 14 جون تي فلم جي اسٽريمنگ کان پهريان تنطيم کي ڏيکاري وڃي، ڇو ته فلم سان مذهبي جذبا مجروح ٿي سگهن ٿا.
بجرنگ ڌمڪي ڏني آهي ته فلم کي ڏسڻ بعد تنظيم فيصلو ڪندي ته فلم خلاف اهڙو ايڪشن وٺڻو آهي، جيڪڏهن فلم کي ائين رليز ڪيو ويو ته امن امان جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي.
فلم ”مهاراجا“ کي پروڊڪشن هائوس يش راج فلمز ذريعي ٺاهيو ويو آهي ۽ فلم کي اديتيا چوپڙا پروڊيوس ڪيو جڏهن ته سڌارت ملهوترا هدايتڪاري ڏني آهي.
واضح رهي ته جنيد خال فلم انڊسٽري ۾ قدم رکڻ جي حوالي سان چئن سالن کان تياري ڪري رهيو هو ۽ فلم جي شوٽنگ گذريل سال آڪٽومبر ۾ مڪمل ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.