ڪنڌڪوٽ: ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر، ٻه ڄڻا فوت

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ ڪار ۽ موٽر سائيڪل ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ عورت سخت زخمي ٿي پئي.
سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ملهير اسٽاپ ويجهو حادثي ۾ نوجوان آصف علي ۽ 9 درجي جو شاگرد نصرلله بنگوار موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته هڪ عورت سخت زخمي ٿي پئي.
حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي عورت ۽ فوتين جا لاش اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد پوليس لاش وارثن حوالي ڪيا، جيڪي گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

kandhkot sindh pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.