مها دنگل، پاڪستان جو ڀارت خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي وڏي مقابلي ۾ پاڪستان ڀارت خلاف ٽاس کٽي بالنگ جو فيصلو ڪيو آهي.
پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ جو ٽاس برسات سبب اڌ ڪلاڪ دير سان ٿيو، بابر اعظم ٽاس کٽي اڳ ۾ ڀارت کي بيٽنگ جي دعوت ڏني.
اهم ميچ لاءِ پاڪستان ٽيم ۾ هڪ تبديلي ڪئي وئي آهي ۽ اعظم خان کي ڊراپ ڪري عماد وسيم کي پليئنگ اليون ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
پاڪستاني پليئنگ اليون ۾ بابر اعظم (ڪپتان)، محمد رضوان، عثمان خان، فخر زمان، شاداب خان، افتخار احمد، عماد وسيم، شاهين آفريدي، حارث رئوف، نسيم شاهه ۽ محمد عامر شامل آهن.

pakvsind icc men’st20worldcup newyork

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.