ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر کي طبعيت ناساز ٿيڻ تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ريسڪيو اختيارين طرفان ٻڌايو ويو ته طبعيت بگڙڻ تي اسد عمر ريسڪيو ايمبولينس 1122 سان رابطو ڪيو.
اختيارين موجب سنڌ ريسڪيو ايمبولينس اسد عمر کي گهر کان اسپتال پهچايو، اسد عمر کي چيلهه ۾ سور سبب ڪلفٽن جي نجي اسپتال نيو ويو.
اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته ڪراچي ۾ ريسڪيو 1122 جي سروس ڪنهن نعمت کان گهٽ ناهي.
asadumar sindh karachi