حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي جو هڪ ٻيو زخمي فوت ٿي ويو، جنهن کانپوءِ حادثي ۾ فوتين جو انگ 27 ٿي ويو آهي.
ڪراچي جي ٽن اسپتالن ۾ 4 زخمي هن وقت به علاج هيٺ آهن.
واضح رهي ته 30 مئي تي حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ گئس سلينڊر جي دڪان ۾ ڌماڪو ٿيو هو، جنهن کانپوءِ باهه لڳي وئي هئي.
باهه سبب دڪان ۾ موجود ڪيترائي سئلينڊر ڦاٽي پيا هئا، جنهن جي نتيجي ۾ 63 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.
hyderabad sindh pakistan