لڪي مروت: بم ڌماڪي ۾ پوليس اهلڪار مارجي ويو، 6 ڄڻا زخمي

پشاور (ويب ڊيسڪ) لڪي مروت جي ڳوٺ سلطان خيل لڪي ڀرسان بم ڌماڪي ۾ هڪ پوليس اهلڪار مارجي ويو ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب ڊي آءِ خان پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن موقعي تي پهچي سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو، ڌماڪو آءِ اي ڊي ذريعي ڪيو ويو.
بم ڌماڪي جو هدف قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو قافلو هو، زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.