الشفا اسپتال ۾ 7 مهينن جي ٻار جي اک مان ٽيومر ڪڍڻ جي ڪامياب سرجري

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) الشفا ٽرسٽ آءِ اسپتال جي ماهر ڊاڪٽرن 7 مهينن جي ٻارڙي جي اک مان ٽيومر ڪڍڻ جي ڪامياب سرجري ڪري ڇڏي.
افغانستان مان آندل 7 مهينن جي ٻار جي هڪ اک ۾ وڏو ٽيومر هو، ڄم کان وٺي ظاهر ٿيندڙ ٽيومر 40 سينٽي ميٽر ڊگهو ٿي چڪو هو، ٽيومر جي ويڪر 25 سينٽي ميٽر ۽ وزن 400 گرام هو، جنهن مان رت اچي رهيو هو پر متاثر ٻار جي اک جو ڪامياب آپريشن ڪري ٽيومر مڪمل طور ڪڍيو ويو، ٻار کي هاڻ 7 مهينن کانپوءِ هٿرادو اک لڳائي ويندي.
اسپتال جا ماهر ڊاڪٽر ڪامياب سرجري کانپوءِ هاڻ تحقيق ڪري رهيا آهن ته ٻار جي اک ۾ موجود ٽيومر ڪيئن ايڏو وڏو ٿي چڪو هو، جنهن سبب اک ٽيومر جي هيٺان دٻجي چڪي هئي ۽ سرجري نه ڪئي وڃي ها ته ٽيومر ٻي اک تائين پهچي پئي سگهيو.
سرجري اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر مرتضيٰ جي سربراهي ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم ڪئي، سندس ٽيم ۾ ڊاڪٽر منصور، ڊاڪٽر علي رضا، ڊاڪٽر زارا ۽ ڊاڪٽر هدا شامل هئا، الشفا ٽرسٽ آءِ اسپتال ۾ ٻارن جي اکين ۾ ڪينسر جي علاج جو باقاعدي شعبي ڪم ڪري رهيو آهي.

alshifahospital islamabad pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.