اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي بجيٽ جي تياري ۾ اعتماد ۾ نه وٺڻ تي پيپلزپارٽي خدشن جو اظهار ڪيو آهي.
پيپلزپارٽي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو ته حڪومت بجيٽ بابت ڪجهه به ناهي ٻڌايو، خبر ناهي ن ليگ نجڪاري پاليسي، ٽئڪسز ۽ ترقياتي پروگرامن تي ڇا ڪري رهي آهي؟
هن جو چوڻ هو ته خبر ناهي عوام رليف ڏيڻ جي قدمن ۾ صوبن کي ڇا ڪهڙو حصو ڏنو پيو وڃي؟ اها به خبر ناهي ته حڪومت بجيٽ پاڻ به تيار ڪري يا آءِ ايم ايف بجيٽ مسلط ڪيو پيو وڃي.
اڳوڻي وفاقي وزير ٻڌايو ته وفاقي حڪومت جي بجيٽ ۾ اسان جو تجويزون شامل ڪيون وڃن، بجيٽ ۾ عوام اسان کان پڇندي ته اهو ڇا ڪري ڇڏيو؟ ڇا اسان عوام کي اهو ٻڌائيندا سين ته اسان کي خبر نه هئي.
SyedKhursheedshah PPP FederalGovt
You might also like