اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ايندڙ قرض پروگرام جي حوالي سان ڪيترن ئي تجويزن تي اختلاف برقرار آهن.
ناڻي واري وزارت موجب اڳوڻي فاٽا جي علائقن لاءِ ٽئڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اتفاق ناهي ٿي سگهيو، ٻنهي ڌرين ۾ اڃا تائين ڳالهيون هلندڙ آهن.
ذريعن ٻڌايو آهي ته آءِ ايم ايف پاران اڳوڻي فاٽا لاءِ ٽئڪس ڇوٽ ختم تي ضد برقرار آهي، جڏهن ته ناڻي واري وزارت جو موقف آهي ته هڪ سال لاءِ ٽئڪس ڇوٽ ضروري آهي، اڳوڻي فاٽا کي درآمدي مشينري، انڪم ٽئڪس تي ڇوٽ ڏيڻ ضروري آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف جو ايڪسپورٽرز تي انڪم ٽئڪس وڌائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، جنهن ذريعي ايڪسپورٽرز تي لڳل انڪم ٽئڪس جي شرح وڌائي پئي وڃي.
Pakistan IMF Loan
Prev Post
You might also like