ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عيد جي ڏينهن ۾ ڪراچي ۾ وچولي درجي جي گرمي رهڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزئي نگار اويس حيدر موجب عيد جي ڏينهن ۾ به موسم جهڙالي هوندي، ڏکڻ اولهه کان سٺي رفتار سان هوائون گهلنديون رهنديون، ان دوران صبح ۽ رات جي وقت سامونڊي ڪڪر موجود رهندا، جڏهن ته وڌ کان وڌ گرمي پد 33 کان 35 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي.
سندس چوڻ هو ته في الحال ڪراچي ۾ برسات جو ڪو امڪان ناهي، ڪراچي ۾ جون جي آخر يا جولاءِ جي منڍ ۾ چوماسي برساتن جي شروعات ٿي سگهي ٿي، چوماسي جو سلسلو وقفي وقفي سان آگسٽ جي آخر تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي.
موسمياتي تجزئي نگار موجب 13 جون ۽ ان کانپوءِ صبح ۽ رات جو بوندا باندي جو امڪان آهي، في الحال شهر ۾ ڪو هيٽ ويو جو امڪان ناهي.
You might also like