ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گورنر محمد زبير عمر پاڪستان مسلم ليگ ن ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
محمد زبير عمر چيو آهي ته في الحال ڪنهن سياسي جماعت ۾ وڃڻ جو ارادو ناهي، پر سياست ۾ مستقبل جي حڪمت عملي جو اعلان دوستن جي مشوري بعد ڪندس، سياسي ماڻهو آهيون خاموش نٿا ويهي سگهون.
ياد رهي ته محمد زبير ن ليگ جو اهم اڳواڻ هو، هو سنڌ جو گورنر سان گڏوگڏ نواز شريف ۽ مريم نواز جو اڳوڻو ترجمان به آهي.
Pakistan ZubairUmar Nleague
Next Post
You might also like