قومي اسيمبلي ٽٽي سگهي ٿي: منظور وساڻ جي وڏي اڳڪٿي

خيرپور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ منظور وساڻ اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته ٿي سگهي ٿو وزيراعظم شهباز شريف ٽن مهينن اندر قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي.
پنهنجي اڳڪٿين جي حوالي سان مشهور پ پ اڳواڻ منظور وساڻ ملڪي سياست تي اهم اڳڪٿي ڪندي چيو ته ملڪي سياست لاءِ ايندڙ 3 مهينا ڏاڍا اهم آهن.
هن چيو ته موجوده سيٽ اپ ۾ نواز شريف وزيراعظم نه بڻجي سگهيو ۽ ٿي سگهي ٿو ته شهباز شريف 3 مهينن اندر قومي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي.
سندس چوڻ هو ته قومي اسيمبلي ٽٽڻ کانپوءِ جيڪو به سيٽ اپ ايندو ڏٺو ويندو پر صوبائي اسيمبليون موجود رهنديون.
منظور وساڻ وڌيڪ چيو ته عمران خان ۽ ٻين سياستدانن لاءِ حالتون سٺيون نه پيو ڏيان، رليف ملندو آهي ۽ واپس به ٿي ويندو آهي، عمران خان خوش فهمي ۾ نه رهي.

manzoorwassan ppp sindh

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.