پاڪستان خلاف عالمي سازش ۾ ڪيترائي جج سهولت ڪار؟

ڪراچي ( ڊاڪٽر دانش):  پاڪستان کي ٽوڙڻ لاءِ بين الاقوامي سطح تي تيار ٿيل سازش پاڪستان ۾ داخل ٿي چڪي آهي، ملڪ جا ڪيترائي جج اهڙي سازش جا سهولت ڪار بڻيل آهن، عدالتن مان اهڙا فيصلا اچي رهيا آهن جيڪي ملڪي سلامتيءَ لاءِ خطرو بڻجي رهيا آهن، ملڪ جي سياسي جماعتن ۾ پڻ اهڙي قسم جا ماڻهو پيدا ٿي ويا آهن جيڪي ملڪ کي ٽوڙڻ لاءِ سازشون ڪري رهيا آهن، اهڙو اظهار تجزيه ڪار  ۽ صحافي ڊاڪٽر دانش پنهنجي ولاگ ۾ تجزيو ڪندي ڪيو آهي، سندس چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف جو باني جيڪي عمل ڪري رهيو آهي ان سان هو پنهنجو پاڻ کي پاڪستان مخالف ثابت ڪري رهيو آهي، هُن تحريڪ انصاف جي باني عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان سمجهو ٿا ته اوهان تي ظالم ٿي رهيو آهي ته پوءِ اوهان انهن ماڻهن سان وڙهو جيڪي اوهان تي ظلم ڪري رهيا آهن، نه ڪي پاڪستان ٽوڙڻ جي سازش ڪريو، شيخ مجيب الرحمان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي متعلق وڊيو ڪلپ جاري ڪري اوهان پاڻ کي شيخ مجيب الرحمان جي صف ۾ اچي بيهاريو آهي، شيخ مجيب الرحمان ۽ بنگالين سان زيادتي ٿي هُئي سندن جي اڪثريت هوندي به انهن کي حڪومت ڪرڻ نه ڏني وئي جيڪا زيادتي آهي، ان جو مقصد اهو نه آهي ته شيخ مجيب الرحمان ان منزل تي وڃي ها ۽ پاڪستان کي ٽوڙي لاءِ جدوجهد ڪري ها، هُن چيو ته هاڻي 1971ع وارو دور نه آهي، هاڻي جيڪڏهن ڪنهن به پاڪستان ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي سخت جواب ڏنو ويندو ۽ سندس جو منهن ، مٿو ۽ نڪ چڪ چٿيا ويندا. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران خان کي اهو ياد رکڻ گهرجي ته جيڪڏهن هو شيخ مجيب الرحمان جي حمايت ٿو ڪري ته کيس اهو به معلوم هجڻ گهرجي ته ان جو حشر ڪهڙو ٿيو، ان جي ئي ملڪ ۾ ان جي ملڪ جي فوج ۽ عوام کيس منطقي انجام تائين پهچايو. باقي بچيل پاڪستان کي به جيڪڏهن ڪو نقصان پهچائڻ چاهيندو ته ان جو حشر به اهڙو ئي ٿيندو جهڙو شيخ مجيب الرحمان جو ٿيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.