بالي ووڊ اداڪار ڪارتڪ آريان ڏيڍ ڏهاڪي کان جتي بالي ووڊ انڊسٽري ۾ پنهنجي صلاحيتن جي بنياد تي الڳ سڃاڻپ ٺاهي چڪو آهي اتي هو مشهور برانڊز جو حصو پڻ آهي.
ويجهڙ ۾ ڪارتڪ آريان هڪ انٽرويوءَ دوران انڪشاف ڪيو ته هو هاڻ ڪنهن به رنگ گورو ڪندڙ ڪريم ۽ پان مصالحه برانڊز جي اشتهارن ۾ ڪم نه ڪندو ڇو ته اِهو سڀ غلط آهي.
اداڪار ٻڌايو ته هن فيئرنس برانڊ لاءِ پنهنجو معاهدو ري نيو ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
هن چيو ته جيتوڻيڪ مان ڊگهي عرصي تائين ان برانڊ جي فيس ڪريم جي اشتهار جو حصو رهي چڪو آهيان پر ان باوجود مون فيس ڪريم جي اشتهار جو معاهدو ري نيو ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ڇو ته مان اِهو سمجهي ويو آهيان ته اِهو غلط آهي.
ڪارتڪ چيو ته مون کي پان مصالحه سميت مختلف برانڊز لاءِ اشتهار جي آڇ ڪئي وئي آهي پر مان انڪار ڪري چڪو آهيان.
هن چيو ته منهنجو انهن شين سان ڪو واسطو ناهي ۽ مان ڪوشش ڪندو آهيان ته جيستائين مون کان ٿي سگهي مان انهن برانڊز لاءِ انڪار ڪندو رهان.
هن وڌيڪ چيو ته مان اِهو نٿو چئي سگهان ته ڪير صحيح آهي يا غلط، هر هڪ جو پنهنجو اسٽائيل آهي پر هي سڀ منهنجي پلان پٽاندڙ نه آهي.
kartikaaryan Bollywood fairnesscreams advertisements