دادو: روڊ حادثي ۾ ڳوٺاڻو فوت

دادو (ويب ڊيسڪ) دادو جي ڪاڇي واري علائقي ۾ روڊ حادثي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.
درگاهه مست ڪيھر شاھه لڳ ڳوٺ راڄو ديرو جا رھواسي معشوق علي چانڊيو ۽ محرم چانڊيو موٽر سائيڪل تي سوار هئا ته تيز رفتاري سبب موٽر سائيڪل سلپ ٿيڻ جي ڪري ٻئي زخمي ٿي پيا.
ٻنهي زخمين کي ڳوٺاڻن ڊي ايڇ ڪيو اسپتال دادو پهچايو، جتي محرم چانڊيو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو، فوتي جو مڙهه اباڻي ڳوٺ راڄو ديرو پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.