دادو (رپورٽ: غوث جهتيال) دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ ۾ ام رباب چانڊيو جي 3 گھر ڀاتين جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، مخالف ڌر جا وڪيل مڪمل نه اچڻ ڪري ٻڌڻي 22 جون 2024 تائين ملتوي ڪئي وئي.
عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ام رباب چانڊيو چيو ته مخالف ڌر جو وڪيل نه اچڻ سبب اڄ اسان جو ڪيس هلي نه سگهيو آهي، سردار ڪيس کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
هن چيو ڀوتار اهو نه سمجهن ته اهي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ انهن جي جان ڇٽي ويندي، هي انهن جو اوطاقون نه عدالتون آهن، سنڌ جو باشعور عوام انهن جو مڪروهه چهرو ڏسي چڪو آهي ۽ اسان ساهه جي آخري ڦڙي تائين وڙهنداسين.
سندس چوڻ هو ته هن ڪيس تي سڄي سنڌ جي نظر آهي، ڪيس ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي، اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، جلد حق جو فيصلو اچڻو آهي.
ummerubabchandio dadu sindh