ڪنڌڪوٽ ۾ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ آئل ٽئنڪر ۾ ٽڪر، ڪيترائي زخمي

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد راڻو اسٽاپ انڊس هاءِ روڊ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽريڪٽر ڊرائيور سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
حادثي ۾ ٽريڪٽر ٽرالي جو اڳيون حصو تباهه ٿي ويو ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور زخمي ٿي پيو، جنهن کي وارثن اسپتال منتقل ڪيو، جڏهن ته ٽينڪر مان آئل روڊ تي هارجڻ سبب ايندڙ ويندڙ گاڏيون ۽ موٽرسائيڪلون سلپ ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 10 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا، جن کي پڻ اسپتال پهچايو ويو.
هوڏانهن ٽينڪر مان هاريل آئل ميڙڻ لاءِ ماڻهو ڊرم کڻي روڊ تي پهچي ويا، جنهن سبب بدترين ٽريفڪ جام ٿي وئي ۽ تيل هارجڻ سبب ڪنهن وڏي حادثي جو خدشو پيدا ٿي ويو پر انتظاميا ڪو تحرڪ نه ورتو.

kandhkot sindh pakistan

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.