وِشال دادلاڻي جو ڪنگنا کي چماٽ هڻندڙ عورت اهلڪار کي ٻي نوڪري ڏيارڻ جو اعلان

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي موسيقار ۽ گلوڪار وِشال دادلاڻي اداڪارا ۽ سياستدان ڪنگنا رناوت کي چماٽ هڻندڙ سيڪيورٽي اهلڪار کي مدد جي آڇ ڪئي آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، وشال دادلاڻي پنهنجي سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ سيڪيورٽي اهلڪار جي مدد ڪرڻ جو ارادو ظاهر ڪيو.
وشال پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته هو تشدد جي حمايت نٿو ڪري پر هو سيڪيورٽي اهلڪار جي ڪاوڙ جو ڪاڙن سمجهي سگهي ٿو.
هن چيو ته جيڪڏهن سندس خلاف ڪو ايڪشن ورتو ويو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندس ته کيس ڪا ٻي ملازمت ملي وڃي.
وشال دادلاڻي پنهنجي پوسٽ جي پڄاڻي جئه هند، جئه جوان ۽ جئه ڪسان جي نعري سان ڪئي.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پارليامينٽ رڪن ۽ بالي ووڊ اداڪارا ڪنگنا رناوت چندي ڳڙهه ايئرپورٽ تي نئين دهلي جي اڏام ۾ سوار ٿيڻ واري هئي جنهن دوران سينٽرل انڊسٽريل سيڪيورٽي فورس جي عورت اهلڪار مبينا طور هارين خلاف چڙ ڏياريندڙ بيان تي اداڪارا کي چماٽ وهائي ڪڍي هئي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، اداري ڪنگنا رناوت کي چماٽ هڻندڙ عورت اهلڪار کي معطل ڪندي سندس خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي.

vishaldadlani KanganaRanautcontroversy CISFwoman

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.