زرتاج گل، عمران خان سان ملاقات جي خواهش ظاهر ڪري ڇڏي

گوجرانوالا (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ زرتاج گل چيو آهي ته منهنجي وڏي خواهش آهي ته عمران خان مون کي گهرائي ۽ مون سان ملي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي زرتاج گل چيو ته ياد رکو اڄ اسان ڪٽهڙي ۾ بيٺا آهيون، سڀاڻي ڪو ٻيو هوندو.
هن چيو ته خواهشن جو اهو سرڪل هلندو رهيو ته بدلي جي باهه ڪڏهن نه وسامندي، هر هر ورجايان ٿي ته اسان جي انا ننڍي ۽ ملڪ وڏو آهي.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ باني کي فڪس ڪرڻ جي چڪر ۾ ملڪ گهڻو پوئتي هليو ويو، وڏي خواهش آهي ته پي ٽي آءِ باني مون کي گهرائي ۽ مون سان ملي.
زرتاج گل چيو سمجهان ٿي ته توهان کي سياسي ماڻهن سان گڏ ويهڻ گهرجي، جڏهن سياسي ماڻهو پاڻ ۾ ڳالهيون ناهن ڪندا ته ڪو ٻيو ڪندو آهي.

zartajgul imrankhan pti

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.