اطلاعات کاتي جي بيرڪ نمبر 84 کي باهه

ڪراچي(رپورٽر) اطلاعات کاتي جي بيرڪ 84 کي باهه لڳي وئي، فائربرگيڊ پهچي باهه تي ڪنٽرول ڪري ورتو، اطلاعات کاتي جي سيڪريٽري نديم الرحمان ميمڻ چيو آهي ته بيرڪ 84 جي ڪجهه حصي کي شام جو ساڍي 5 وڳي باهه لڳي وئي، جنهن کي فائر برگيڊ جي مدد سان وسايو ويو آهي، هن چيو ته باهه جو واقعو معمولي هو، ڪمري ۾ ڪو به رڪارڊ موجود نه هو، اتي ڪجهه پراڻا رسالا پيل هئا، انهن کي به نقصان نه پهتو آهي. هن چيو ته بلڊنگ کاتي جي انجنيئر جي رپورٽ موجب باهه جو واقعو يو پي ايس ۾ معمولي باهه لڳڻ سبب پيش آيو آهي.

informationdepartmentsindh Fire Sindhgovt

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.