ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: اويس حيدر شورو)ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ميزباني هيٺ اچو ته سنڌ سنواريون آل پارٽيز ڪانفرنس جي ڪوٺايل تقريب کي خاص مهمان طور ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي وائيس چيئرمين ڄام فتاح سميجو خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ترقي خوشحالي لاءِ پهرين اسان کي پنهنجي سنڌ جي قسمت جو ووٽ ذريعي پاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو، ڀوتارن، جاگيردارن، وڏيرن، سرمائيدارن، لٽيرن جي سياست جو خاتمو آڻڻ لاءِ سڄي سنڌ کي هڪ ٿي عملي جدوجهد جو آغاز ڪري پنهنجي سنڌ پاڻ سنوارڻي پوندي، سنڌ کي سمورين بنيادي سهوليتن کان محروم رکي تباهي بربادي جي ڪناري تي پهچايو ويو آهي، آل پارٽيز ڪانفرنس کي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي، سيڪريٽري جنرل حيدر ملاح، جوائينٽ سيڪريٽري نثار ڪيريو، مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري، ڊويزنل صدر شاھنواز سيال، ڊويزنل سيڪريٽري سيد جلال شاھه، محمد علي ابڙو، ضلعي نوابشاھ صدر باغي رفيق ملاح، ضلعي ٽنڊو محمد خان صدر اقبال حاجاڻو ، ضلع نائب صدر عبد الله اعواڻ، جنرل سيڪريٽري سارنگ شاھه، جوائينٽ سيڪريٽري سليم ميمڻ، پريس ترجمان بچل سٺيو، رابط سيڪريٽري جمن سمون، خزانچي انيس صبحپوٽو، سول سوسائٽي جي اڳواڻ ڊاڪٽر جي ايم گل، سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ اعظم ڀٽي، پي ٽي آئي اڳواڻ حسن خان پٺاڻ، قومپرست عوامي اتحاد جي صدر جاويد ھاليپوٽو، سينئر وڪيل رسول بخش سولنگي، وڪيل انصار شر، وڪيل باسط ميمڻ، پير فضل جان سرھندي، پير عاصم جان سرھندي، پير آغان جان سرھندي، ڊاڪٽر چمن لال، ڊاڪٽر جمال ناصر سولنگي، زاھد جسڪاڻي، صوفي حامد سنڌي، منور لال، پير آغا سرھندي، پپو ڀرگري، عبدالحفيظ سٺيو، سميع الله ميمڻ ۽ ٻين خطاب ڪيو.
civilsociety protest