ھندوستان جي تازي چونڊ منهنجي سمجهھ ۾ بنيادي پيغام ھي ڏنو آهي ته پنھنجي طور تي قابض سياسي اڳواڻن جي آمرانه رويي مان نجات جو رستو جمھوريت سان کي ڪڍڻو پوي ٿو، ان ڏس ۾ بنيادي ڪردار سياستدانن کي ئي ادا ڪرڻو پوندو آھي. اهي شهر شھر وڃي ماڻهن سان سڌي رابطي ذريعي انهن کي متحرڪ ڪن ٿا. پنهنجي سياسي مخالفن کان نجات لاءِ ڪنهن ٻئي اداري يعني عدليه يا رياست جي طاقتور ادارن ڏانهن نه ٿا ڏسن. آمراڻي روش رکندڙ خاص ڪري مودي موجهڙو سياستدان،مذهبي انتهاپسندي جي بنياد تي اڀريل ”رضاڪارن“ ذريعي اختلافي آوازن کي دٻائي رکي ٿو. روايتي ميڊيا سامھون جھڪي پئي تھ حڪومت سنڀالڻ کان پوءِ رياست کي پنهنجو ”چاڪر“ بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿو.
نريندر مودي پنهنجي 10 سالن جي دور حڪومت ۾ رياستي ادارن ۽ عدليه سان اهڙو رويو اختيار ڪيو آهي، جنهن سبب عام ماحول اهو لڳي رهيو ھو تھ ھنودستان ۾نريندر مودي جي پائي جهڙو ڪو به اڳواڻ ناهي رهيو. ھندوستاني عوام کي ايندڙ ڪيترن سالن تائين نلڪھ ھن جي اقتدار کان ھٽي وڃڻ بعد بھ مذھبي انتھا پسندن جي بنياد تي اڀريل ڀارتيا جنتا پارٽيءَ جو ئي غلام رهڻو پوندو.
ھندوستان جو روايتي ميڊيا مودي جي ڏهن سالن جي حڪمراني دوران جھڪي پيو تھ مخالف آواز جي لاءِ مخلص صحافين سوشل ميڊيا پليٽ فارمن کي وڏي مهارت ۽ لگن سان استعمال ڪيو. مان ذاتي طور تي ٿوري واقفيت جي ڪري برکا دت جو ذڪر ڪرڻ تي مجبور آهيان. بي جي پي، جي ٽرولز هن جي بدترين ڪردار ڪشي ڪئي. ان جي ڪري، هوءَ روايتي ميڊيا ۾ نوڪري جي قابل نه رهي. هُن همت هارڻ بدران ڪئميرا کنئي ۽ ھڪ شهر کان ٻئي شهر وڃڻ لڳي.مون کي ان جي مهربانيءَ سان ئي خبر پئي ته ڪرونا جي وبا دوران نريندر مودي پاران لاڳو ڪيل لاڪ ڊائون پاليسي سبب غريب ڏھاڙي مزدورن تي ڪھڙي قيامت ٽٽي ھئي.جڏهن هوءَ شھرن جا شھر رلي رھي ھئي تھ سندس والد بھ ڪرونا ۾ ھي فاني جهان ڇڏي ويو. هن جي علاج ۽ آخرڪار ڪريا ڪرم ذريعي ذريعي ھندستان جي صحت نظام جي سڙيل ڍانچي کي اثرائتي انداز ۾ وائکو ڪيو.
برکادت کان علاوه، ڪرن ٿاپر پڻ مختلف دانشورن سان ون آن ون ان انٽريو ذريعي مودي جي پکڙيل نفرت واري فلسفي جي ناڪاري اثرن کي دليري سان بيان ڪيو. انهن ٻن کان سواءِ يوٽيوبرز جو به وڏو تعداد آهي، جيڪي ”مودي جي ”گودي“ ۾ ويٺل ميڊيا جي مقابلي ۾ هندستان ۾ حقيقتن کي عوام آڏو آڻي رهيا آهن. مودي حڪومت ڪيترن ئي سوشل ميڊيا پليٽ فارمن خلاف رياستي طاقت جو بيدردي سان استعمال ڪيو آهي. عدليه عام طور تي رياستي ظلمن جي شڪار ماڻھن جي دادرسي بدران مودي حڪومت جي ظلم کي جائز قرار ڏيندي رھي آهي. تنهن هوندي به آزاد منش صحافي ڄمي بيٺا آھن ۽ عوام سامهون متبادل حقيقت پيش ڪرڻ ۾ ڪم سان لڳل آھن.
آزاد منش صحافي، چاهي ڪيترو به طاقتور ڇو نه هجي، سياسي تبديليءَ جو اهم سبب نه ٿي سگهندو آھي. اهو صرف حقيقتون بيان ڪري سگهي ٿو.تلخ حقيقت بدلائڻ جي طاقت سياسي قيادت ۽ پارٽين وٽ ھوندي آھي.انهيءَ حقيقت کي ذهن ۾ رکندي راهول گانڌي ”ڀارت جوڙو“ جي نالي سان ملڪ ۾ هزارين ڪلوميٽر پنڌ ڪري ماڻهن سان سڌو سنئون رابطو ڪيو. پنهنجي سفر دوران، جڏهن ڪنهن اهم شهر يا هنڌ تي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندو هو ته هندستان جي مکيه اسٽريم ميڊيا پنهنجي باقاعده نشريات بند ڪري سندس تقرير کي ”ڪٽ“ نه ڪيو هو. گهر ۾ ويٺل هڪ عام هندستاني کي اها به خبر نه هوندي ھئي ته ”موروثي سياست“ جو نمائندو اڄڪلهه هندستان جي ڪهڙي صوبي يا شهر جي ماڻهن سان ملڻ ۾ مصروف آهي.
هندستاني اليڪشن جي نتيجن سامهون اچڻ بعد مان مودي مخالف سياستدانن جي رويي کي اسان جي سياستدانن جي رويي سان ڀيٽيندو رهيو آهيان. هن سٽ پڙهڻ بعد اوهان کي اهو سوال ڪرڻ جو حق آهي ته نصرت ڀائي سياستدانن جي رويي تي تبصرو ڪرڻ بجاءِ هڪ صحافي جي حيثيت ۾ پنهنجي ڳچيءَ ۾ ڏسڻ جي جرئت ڇو نٿو ڪرين؟ سوال صحيح آهي ۽ ايماندارڻو جواب ھي آهي ته سيپٽمبر 2018ع ۾ عمران حڪومت پاران مون کي ٽي وي اسڪرين تان هٽائڻ کان پوءِ مون کي طلعت حسين جهڙن ساٿين وانگر يوٽيوب چينل جو رخ ڪرڻ گهرجي ها. شڪست جي خوف مون کان همت کسي ورتي. ”نواءِ وقت“ لاءِ ڪالم لکي پنهنجي ڪاوڙ کي ڪڍي وٺندو آھيان. پارلياماني اجلاس ٿيندا ھئا ته ”دي نيشن“ لاءِ انگريزيءَ ۾ پريس ڪالم به ٽائيپ ڪري موڪليندو هيم. شايد مان اهو سڀ نه ڪري سگھان ها جيڪڏهن اسان جي ايڊيٽر رمزا نظامي صاحبه مون کي ان سلسلي ۾ لاپرواهيءَ جو جي واندڪائي ڏئي ها. سندس سرپرستيءَ ۾، گهٽ ۾ گهٽ صحافت جي عمل ڪالم کان پاسيرو نھ ٿيس.
منهنجي ذات ۽ ٻيون شخصيتون ڪالم جو موضوع هرگز نه آهن. مقصد ان حقيقت کي اجاگر ڪرڻ آهي ته عوام سان مسلسل ۽ سڌو رابطو ئي جمهوري نظام کي ان قابل بڻائي ٿو ته اھي ھن نظام معرفت چونڊن ذريعي اقتدار ۾ اچڻ بعد، آمراڻو رويو اختيار ڪندڙ حڪمرانن کي انھن جي اوقات ۾ رکن.عوام تي مڪمل ڀروسي بدران اسان جا اڪثر سياستدن اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ رياست جي طاقتور ادارن جي سرپرستي حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. ملڪي سياست جو 1985ع کان وٺي تمام ويجھي کان مشاهدو مون کي ان لائق بڻايو آھي تھ ڪنهن به سياسي پارٽيءَ جو نالو نٿو کڻي سگھان جيڪا”انهن“ تائين وٽ حاضري نھ ڏيندي هجي. ”ڪنهن“ ھڪ جو ذڪر ڪندي مان انھن ٻنھي ”اصلي تي وڊي“ نظر ايندڙ تحريڪ انصاف کي بھ ان کان آجو نٿو ڪريان. اپريل 2022 ۾ اقتدار تان ھٽڻ کانپوءِ هوءَ عدليه کان رليف جي خواھشمند آھي،پر عدليه جون به حدون آهن. جيڪي عدليھ پار ڪري، تحريڪ انصاف ۽ ان جي باني کي ”غير معمولي“ رليف فراهم ڪندي محسوس ٿي ته پوءِ عمران مخالف سياستدان کي پنهنجي قيادت تي رياستي ادارن پاران ماضيءَ ۾ ڪيل ظلم ياد اچڻ شروع ٿي ويندا ۽ اهڙي طرح عدليه جي غير جانداري تي سنگين سوال پيدا ٿيڻ شروع ٿي ويندا.
عمران خان هجي يا سندس مخالف سياسي قوتون، انهن سڀني کي پنهنجو بيانيئو عوام آڏو رکڻو پوندو.انھن کي قائل ڪرڻ بنا رياستي ادارن جي مدد سان ڪنھن سياسي بندوبست جو رستو ٺاهڻ ”محلي سازش“ سڏبي.۽ موجوده دور ۾ اهڙين سازشن جي ڪا به گنجائش باقي ناهي. برطانيا ۾ ٽوري پارٽي ڪجهه سال اڳ مقبول ترين اڳواڻ بورس جانسن جي اڳواڻي ۾ تمام وڏي اڪثريت سان اقتدار ۾ آئي ھئي.پر رڳو ڪجهھ مهينا اقتدار ۾ رهي سگهيي. برطانيه هاڻي وقت کان اڳ چونڊن لاءِ تيار آهي. مودي به ڏهن سالن جي پنهنجي من مانين کان پوءِ هيٺ زمين تي اچڻ تي مجبور ٿيو آهي. اسان وٽ پڻ هاڻي پاڻ وڻائيندڙ اشرافيا کي عاجزي اختيار ڪرڻي پوندي.
Prev Post
You might also like