شاهد آفريديءَ آمريڪا خلاف ميچ کان اڳ اعظم ۽ شاداب کي ڪهڙيون صلاحون ڏنيون ؟

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته ميچ کان اڳ اعظم خان کي ڪال ڪري چيو ته جيڪڏهن پرفارم نه ڪندين ته تنهنجي فٽنس تي آڱريون کڄڻ لڳنديون جڏهن ته شاداب خان کي پاڻ ڪال ۽ ميسجز ڪري سندس غلطين جي نشاندهي ڪئي گڏوگڏ کيس صلاحون پڻ ڏنيون هيون.
آمريڪا هان شڪست بعد نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شاهد آفريدي ٻڌايو ته جڏهن به ڪو رانديگر مشڪل وقت مان گذرندو آهي ته مان هڪ سينيئر طور کيس ڪال ڪندو آهيان.
هن چيو ته ڊگهي عرصي کان ڏسي رهيو آهيان ته اعظم تي سوشل ميڊيا تي تمام گهڻي تنقيد ٿي رهي آهي، تازو انگلينڊ ۾ هئس، اعظم خان کي فون ڪري چيو ته جيڪڏهن پرفارم نه ڪندين ته تنهنجي فٽنس تي سوال اُٿڻ لڳندا، اِها ڳالهه مان اعظم خان کي اٺن نون سالن کان سمجهائي رهيو آهيان ته هو پنهنجي فٽنس تي ڌيان ڏئي.
ٻئي پاسي شاهد آفريدي ٻڌايو ته آخري ميچ دوران مون پاڻ شاداب خان کي فون ۽ ميسج ڪيو سندس غلطين جي نشاندهي ڪئي هئي ۽ کيس ڪجهه ٽپس ڏنيون.
اڳوڻي ڪپتان چيو ته هي سڀ اسان جا رانديگر آهن ۽ اِهي ئي پرفارم ڪندا، هي رانديگرن کي آٿت ڏيڻ جو وقت آهي، بابرا عظم سميت سموري ٽيم کي سپورٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.