اردو يونيورسٽي جي عبدالحق ڪيمپس ۾ خصوصي ٻارن جي مائرن سان سيشن

ڪراچي (پ ر) وفاقي اردو يونيورسٽي، عبدالحق ڪيمپس جي خصوصي تعليم واري شعبي جي استادن طرفان خصوصي تعليمي اداري مرڪز اميد فار اسپيشل نيڊ چلڊرن ۾ خصوصي ضرورتن وارن ٻارن جي مائرن جي ذهني صحت، خانداني ڀلائي، گڏيل لاڳاپن جي حوالي سان آگاهي سيشن جو اهتمام ڪيو ويو.

سيشن ۾ شعبي جي ماسترياڻين ڊاڪٽر ثنا اختر، ڊاڪٽر فرحت خانم ۽ ڊاڪٽر اسما مسعود خصوصي شاگردن جي مائرن کان سندن مسئلن بابت ڳالهايو ۽ سندن گهربل رهنمائي ڪئي.

هن سيشن ڪرائڻ ۾ مرڪز اميد جي انتظاميا اهم ڪردار ادا ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.