پاڪستاني اداڪار، ماڊل ۽ فنڪار عمران عباس کي مالٽا جي حڪومت طرفان اهم اعزاز سان نوازيو ويو آهي.
پاڪستان کان علاوه ڀارت ۾ به پنهنجي اداڪاري جا جلوا ڏيکاريندڙ عمران عباس برصغير ۾ ته مشهور آهي، پر هاڻ هن جي شهرت يورپ تي وڃي پهتي آهي.
جمهوريا مالٽا، ڏکڻ يورپ ۾ جزيرن تي مشتمل ملڪ آهي، جيڪو اٽلي، تيونس ۽ ليبيا جي وچ ۾ واقع آهي.
عمران عباس کي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي تصوير پوسٽ اهو اعزاز ملڻ جي حوالي سان پرستارن کي آگاهه ڪيو.
پوسٽ ۾ اداڪار لکيو ته ”ميڊيا ۽ فلمن ۾ شاندار ڪم ڪرڻ تي مالٽا جي حڪومت طرفان روڪگنيشن جي اعزازي سرٽيفڪيٽ سان نوازيو ويو آهي.
ImranAbbas Showbiz Award
You might also like