آءِ سي سي پليئر آف دي منٿ جي نامزدگين جو اعلان، هڪ پاڪستاني به شامل

دبئي (ويب ڊيسڪ ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ( آ سي سي ) مئي 2024 لاءِ مينز پليئر آف دي منٿ جي نامزدگين جو اعلان ڪري ڇڏيو.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل نامزدگين ۾ پاڪستان جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي کي به شامل ڪيو ويو آهي.
شاهين آفريدي ميئ دوران 14 ڏهائي 5 ايوريج سان ڏهه وڪيٽون ورتيون، جنهن ۾ انگلينڊ ۽ آئرلينڊ خلاف سيريز جي ڪارڪردگي پڻ شامل آهي.
مينز پليئر آف دي منٿ لاءِ شاهين آفريدي کانسواءِ آئرلينڊ جي وڪيٽ ڪيپر بيٽر لورڪن ٽڪر ويسٽ انڊيز جي اسپنر گوڊا ڪيش مورتي کي به نامزد ڪيو ويو آهي.

playerofthemonth ICC Pakistancricketteam

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.