لاهور ( ويٻ ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ قومي احتساب بيورو قانون ۾ صدارتي آرڊيننس ذريعي ترميم خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي.
جسٽس شجاعت علي خان شهري منير احمد جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ نيب جي قانون م ترميمن کي چئلينج ڪيو ويو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ نيب ترميمن خلاف داخل درخواست ٻڌڻي جوڳي قرار ڏئي ڇڏي ۽ وفاقي حڪومت سميت ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
لاهور هاءِ ڪورٽ اٽارني جنرل کي به نوٽيس جاري ڪري مدد لاءِ طلب ڪري ورتو.
ياد رهي ته 3 جون تي نيب ترميمي آرڊيننس ۾ جسماني ريمانڊ 40 ڏينهن ڪرڻ واري اپائن کي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو هو…
PakistanGovt election2024 NABordinances