ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي جي اسڪيم 33 ۾ خانگي هائوسنگ سوسائٽي ۾ پوليس جي مداخلت بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪمپني جي حمايت ۾ ايس ايس پي اوڀر کي ڌر بڻجڻ کان روڪي ڇڏيو.
عدالت پوليس کي قانون تي سختيءَ سان عمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت چيو ته پوليس کي خانگي ماڻهن جي سول معاملن ۾ مداخلت نه ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن تڪرار يا جهيڙو ٿئي ته پوليس کي ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار آهي.
درخواست گذار موجب خانگي ڪمپني جعلي دستاويز ڏيکاري مون کان ٽي ڪروڙ رپيا ورتا آهن، سنڌ هاءِ ڪورٽ به زمين جي مالڪي بابت منهنجي حق ۾ فيصلو ڏنو آهي، خانگي ڪمپني جي مالڪ۽ ٻين جي پوليس حمايت ڪري رهي آهي….
privatehousingsociety SHC SindhPolice