ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي ۾ مستقل وائيس چانسلر جي مقرري نه ٿيڻ جو معاملو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پهچي ويو.
عدالت سنڌ جي وڏي وزير، سنڌ حڪومت، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.
عدالت 27 جون تي ڌرين کان جواب طلب ڪري ورتو.
وڪيل نديم قريشي موجب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي جو سيپٽمبر 2023ع کان وٺي مستقل وائيس چانسلر ناهي.
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت پاران شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي جي وقتي چارج سنڌ مدرسته الاسلام جي وائيس چانسلر کي ڏنل آهي.
وقتي وائيس چانسلر مجيب الدين ميمڻ پنهنجي ڪاليج جو نظام سنڀاليندو يا شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي جو؟
وڪيل موجب قانون موجب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آف لا جو مستقل وائيس چانسلر هجڻ گهرجي، ملڪ جي واحد لا يونيورسٽي ۾ مستقل وائيس چانسلر جي مقرري نه ٿيڻ سبب تعليمي نظام متاثر ٿي رهيو آهي
درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سنڌ حڪومت کي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي ڊگري هولڊر وائيس چانسلر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي…..
SHC SZABU Sindhgovt