عوامي تحريڪ جي سربراهه رسول بخش پليجو جي اڄ ڇهين ورسي ملهائي پئي وڃي

ٺٽو ( رپورٽر) سياستدان، برک اديب ۽ عوامي تحريڪ جي سربراه رسول بخش پليجي جي اڄ ڇهين ورسي ملهائي پئي وڃي.
ٺٽي ويجهو جـُنگشاهي ۾ ورسي تقريب جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، هزارين ماڻهن جي گنجائش وارو پنڊال تيار ڪيو ويو آهي.
وڏي انگ ۾ ماڻهو گڏ ٿي رسول بخش پليجي کي ڀيٽا پيش ڪندا.
جلسو رسول بخش پليجي جي آخري آرامگاهه جنگشاهي ويجهو ڳوٺ منگر خان پليجو ۾ ٿيندو جنهن ۾ شرڪت لاءِ قافلن جي پهچڻ جو سلسلو جاري آهي.
جلسي ۾ سنڌياڻي ثقافتي گروپ طرفان ٽيبلوز پيش ڪيا ويندا. سنڌي گرل اسٽوڊنٽس تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جون عورتون پريڊ ڪري عظيم ڏاهي کي سلامي ڏينديون.
رسول بخش پليجي جي آخري آرامگاهه تي گلن جي چادر چاڙهي ويندي.
جلسي عام کي عوامي تحريڪ جا مرڪزي اڳواڻ خطاب ڪندا جڏهن ته ناليواري آرٽسٽ شيما ڪرماني رقص ذريعي رسول بخش پليجو کي ڀيٽا پيش ڪندي.
جلسي ۾ سوڍو جوڳي، ڀاڳ چند ۽ احمد مغل سميت ٻيا فنڪار پنهنجي فن جو مظاھرو ڪندا…..

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.