پي ٽي آءِ اڳواڻ صنم جاويد جيل مان آزادي بعد ٻيهر گرفتار

سرگوڌا (م ڊ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي اڳواڻ صنم جاويد کي سرگوڌا جيل جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس ذريعن موجب، صنم  جاويد کي سرگوڌا جيل مان آزاد ٿيل ٻاهر نڪرڻ تي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته صنم جاويد گوجرانوالا ڪينٽ پوليس کي نوَ مئي جي ڪيس ۾ گهربل آهي.پي ٽي آءِ اڳواڻ عاليا حمزا به گوجرانوالا پوليس کي ڪيس ۾ گهربل آهي ۽ هوءَ به سرگوڌا مان اڄ ئي آزاد ٿي رهي آهي. عاليا حمزا جي گرفتاري لاءِ به گوجرانوالا پوليس سرگوڌا جيل جي ٻاهران موجود آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.