ڪراچي (رپورٽر ) ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته صارم برني کي آمريڪا کان ڪراچي واپسي تي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو، صارم برني کي آمريڪي حڪومت جي شڪايت تي گرفتار ڪيو ويو آهي.واضح رهي ته صارم برني ڪجهه عرصي کان آمريڪا ۾ موجود هو ۽ سندس خلاف انساني اسمگلنگ جي شڪايتن تي ايف آءِ اي طرفان انڪوائري پڻ هلي رهي هئي. آمريڪي حڪومت
طرفان 25 کان 26 ٻارن جي شڪايت ڪئي وئي هئي جڏهن ته ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ آهي ته 16 کان 17 ٻارن جي انساني سمگلنگ ذريعي آمريڪا منتقلي جا ثبوت ملي ويا آهن.آمريڪي دوري دوران آمريڪي اختيارين طرفان صارم برني جي سخت نگراني ڪئي وئي ۽ جڏهن صارم برني پاڪستان لاءِ روانو ٿيو ته ايف آءِ اي اختيارين کي ان جو اطلاع ڏنو ويو ۽ ڪراچي پهچڻ تي کيس گرفتار ڪيو ويو. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته صارم برني کي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل صدر منتقل ڪيو ويو آهي ۽ سندس خلاف ڪيس جو ڊرافٽ اڳواٽ ئي تيار ڪيو ويو ۽ سندس خلاف جيڪا انڪوائري ٿي رهي آهي ان کي ئي ايف آءِ آر ۾ منتقل ڪري کيس باظابطا طور گرفتار ڪيو ويو آهي.