ڪراچي (پ ر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي پريٽ آباد حيدرآباد سانحي کي حڪومتي نااهلي ۽ ڪرپشن جو کليل ثبوت قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته ان واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪاروائي، رهائشي علائقن مان ايل پي جي سلينڊر جي دڪانن کي منتقل ۽ پابندي لڳائي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي اڳواڻن سان گڏ سول اسپتال ڪراچي ۾ برنس وارڊ ۾ زيرعلاج حيدرآباد ۾ سلنڊر ڌماڪن جي زخمين جي عيادت ۽ وارثن سان ملاقات کان پوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا، صدر پبلڪ ايڊ ڪميٽي سنڌ سيد صبغت الله شاه، امير زون گارڊن سيد ذيشان احمد، عمر فاروق، فضل الرحمن سميت ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.