ڪراچي ۾ مقابلن دوران 4 ڦورو مارڻ ۽ 11 ڏوهاري زخمي حالت ۾گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي پوليس شھر جي مختلف علائقن ۾ الڳ الڳ ڪارروائين جي دوران پوليس مقابلن ۾ 4 ڦورو مارجي ويا ۽ 9 زخمي ڏوھارين سميت 11 کي گرفتار ڪري قبضي مان ھٿيار موٽر سائيڪلين سميت ٻيو سامان ھٿ ڪري ورتو. عيد گاهھ ٿاڻي جي حد رنڇولن لائن ڀرسان عباسي چوڪ جي لڳ پوليس ۽ ڦورن جي وچ ۾ مبينا مقابلي ۾ 2 ڦورو مارجي ويا. پوليس موجب مارجي ويل ملزمنن جا لاش قانوني ڪارروائي جي لاءِ پوليس سول اسپتال منتقل ڪيا. پوليس موجب مارجي ويل جوابدارن جي لاشن جي سڄاڻپ ناھي ٿي سگهي مارجي ويل ملزمنن جي قبضي مان پستول، موٽرسائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي .

  1. عمران خان سان گڏ شراب پيتو آهي: بهروز سبزواري

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان جي مشهور ۽ سينيئر اداڪار بهروز سبزواري انڪشاف ڪيو آهي ته هن عمران خان سان ڪيترائي ڀيرا شراب پيتو آهي پر خان ڪڏهن به هڪ کان وڌيڪ ڊرنڪ ناهي پيتي. ”ايف ايڇ ايم پوڊ ڪاسٽ“ ۾ ڳالهائيندي هن  چيو ته آخر ۾ هميشه سچ جي فتح ٿيندي آهي، توهان لکي وٺو هي قيدي نمبر 804 جي کٽندو، ڇاڪاڻ ته هو سچو آهي. بهروزچيو ته عمران خان  جي خامي اها آهي ته هن وٽ لچڪ ناهي. مٿس ڪوڪين پيئڻ جو الزام آهي،

  1. انور مقصود پاران پاڪستان ڇڏڻ جي ترديد

ٽورنٽو(م  ڊ)انور مقصود پاڪستان ڇڏڻ جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. انور مقصود چيو آهي ته هو هن وقت ڪيناڊا ۾ آهي پر جلد پاڪستان واپس اچي رهيو آهي. هن چيو ته ڪيناڊا وڃڻ کان اڳ ايئرپورٽ تي ڪجهه مسافرن مون کان پڇيو ته ڇا توهان پاڪستان ڇڏي وڃي رهيا آهيو؟ جنهن تي انور مقصود جواب ڏنو ته پاڪستان مونکي ڇڏي سگهي ٿو پر مان پاڪستان نه ٿو ڇڏي سگهان.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.