حيدرآبادسلينڊر واقعي جا وڌيڪ 4 زخمي فوت، انگ وڌي 18 ٿي ويو

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب لڳل باھه واري واقعي ۾ ھڪ نينگري سميت وڌيڪ چار ڄڻا فوت ٿي ويا آھن، جنھن بعد واقعي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 18 ٿي ويو آھي.  حيدرآباد جي علائقي پريٽ آباد ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب لڳل باھه واري واقعي ۾ ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيل زخمين مان گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ چار ماڻھو فوت ٿي ويا آھن، فوت ٿيلن ۾ چنگچي ھلائيندڙ دودا باگڙي، 13 ورهين جي عليشا ڌيءُ ذيشان، 15 ورهين جو عباس پٽ مبارڪ ۽ عمير پٽ اسد شامل آهن، سندن لاش حيدرآباد ۾ سندس گھرن ۾ پھچايا ويا، لاش گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ ڇائنجي ويو، جنازي نماز بعد مقامي قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.