انسٽاگرام جي اهو فيچر جيڪو اوهان کي پسند نه ايندو

انسٽاگرام تي هڪ اهڙي فيچر جي آزمائش ڪئي پئي وڃي جيڪو واهپيدارن کي پسند نه ايندو.
ايڊ بريڪ نالي ان فيچر ذريعي ميٽا جي ملڪيت انسٽاگرام تي اهڙا اشتهار ڏيکاريا ويندا جن کي اسڪپ ڪرڻ ممڪن نه هوندو.
اهو يوٽيوب جي انهن اشتهارن وانگر آهي، جنهن کي مڪمل ڏسڻ لازمي هوندو آهي.
ڪمپني طرفان هن فيچر جو باضابطا اعلان ناهي ڪيو ويو پر ان جي آزمائش محدود واهپيدارن لاءِ ڪئي پئي وڃي.
ان فيچر ذرعي 3 کان 5 سيڪنڊن جا اشتهار واهپيدارن کي انسٽاگرام تي اسڪرولنگ دوران ڏيکاريا ويندا.
هڪ رپورٽ موجب انسٽاگرام تي اشتهار ڏيکارڻ جو نئون انداز آهي ۽ اسڪرولنگ سان پهريان واهپيدارن کي مڪمل اشتهار ڏيکاريا ويندا.

Instagram Socialmedia Meta

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.